سُهائي ٽالپر

سُهائي ٽالپر

سُهائي ٽالپر

سُهائي ٽالپر: سُهائي ٽالپر، نامياري ڊاڪٽر ۽ اديب عزيز ٽالپر جي نياڻي آهي. هن ضلعي ٽنڊي محمد خان جي ڳوٺ ڀائي خان ٽالپر ۾، 23 سيپٽمبر 1987ع تي جنم ورتو. هيءَ خاندان جي پهرين عورت آهي، جنهن اعليٰ تعليم حاصل ڪري، 15000 اميدوارن ۾ سڀ کان وڌيڪ مارڪون حاصل ڪري، سي. ايس. سي جو امتحان پاس ڪيو آهي. اِن امتحان ۾، عورتن ۾ ٽيون نمبر اچي، سنڌ ۾ پوليس کاتي ۾ ٽين عورت اي. ايس. پي جو عهدو حاصل ڪيو آهي. هن نياڻيءَ جي ڪاميابيءَ ۾ سندس روشن خيال والد ڊاڪٽر عزيز ٽالپر ۽ والده غلام سڪينه ٽالپر جو وڏو هٿ آهي، جن زندگيءَ جي هر موڙ تي سندس همت افزائي ۽ رهنمائي ڪئي ۽ ڌيءَ کي اعليٰ تعليم ڏيارڻ وقت غلط ريتن رسمن ۽ سماجي رڪاوٽن جي ڪا به پرواهه نه ڪئي.
سهائي ٽالپر جو چوڻ آهي ته کيس ابتدا کان وٺي پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ اچڻ جو گهڻو شوق هو، ان ڪري هن CSS جو امتحان، پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ اچڻ جي حوالي سان ڏنو. هوءَ سنڌي عورتن ۾ سنڌ جي ٽيون نمبر ۽ لاڙ جي علائقي توڙي ٽالپر خاندان جي پهرين عورت اي. ايس. پي مقرر ٿي آهي. پوليس ڊپارٽمينٽ ۾، عورتن جي اچڻ سان سنڌي سماج ۾ بهتري ايندي.
سهائي عزيز، پري اسڪول تعليم (نرسري) CBS ٽنڊي محمد خان ۾ حاصل ڪئي، پهرئين کان ٽيون درجو شاهه لطيف اڪيڊمي ٽنڊي محمد خان ۾ پڙهي ۽ چوٿين کان نائين درجي تائين فوجي فائونڊيشن ٽنڊي محمد خان ۾ تعليم حاصل ڪئي، جڏهن ته مئٽرڪ 2003ع ۾، انٽرميڊئيٽ 2005ع ۾ بحريه فائونڊيشن حيدرآباد مان پاس ڪيائين. بي. ڪام گورنمينٽ زبيده گرلس ڪاليج حيدرآباد مان پاس ڪرڻ کانپوءِ چارٽرڊ اڪائونٽنسي ماڊيول A ۽ B الحمد اڪيڊمي حيدرآباد مان ۽ ماڊيول C، SKANS اسلام آباد مان ڪيائين. ايم. اي اڪنامڪس 2011ع ۾ زبيده گرلس ڪاليج مان ڪيائين. سي. ايس. ايس. جي تياري ڪاميڪس اڪيڊمي حيدرآباد ۾ سيپٽمبر 2011ع ۾ ڪيائين ۽ 2012ع ۾ CSS جو ڪاميابيءَ سان امتحان پاس ڪري پوليس سروس پاڪستان ۾ اي. ايس. پي طور ڪاميابي ماڻيائين.
سهائي ٽالپر اسڪول ۽ ڪاليج دوران بهترين ڊبيٽر ۽ مقرر رهي آهي، ڪاليج جي شاگردياڻين جي چونڊن ۾ ڪامياب ٿي هيڊ گرل پڻ بڻي ۽ هميشه پوزيشن هولڊر رهي.
سهائي ٽالپر، هاءِ اسڪول جي تعليم دوران ’سنڌي ٻالڪ تنظيم‘ ۾ سرگرم رهي چڪي آهي، جنهن پليٽفارم تان هن مختلف علمي ۽ ادبي تنظيمن جي ڪيترين تقريبن ۾ شرڪت ڪئي هئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1987.09.23  عيسوي

سُهائي ٽالپر ضلعي ٽنڊي محمد خان جي ڳوٺ ڀائي خان ٽالپر ۾، 23 سيپٽمبر 1987ع تي جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اشرف منصور دائودپوٽو
تيرٿ داس هوتچند واڌواڻي
صوفي فقير عبدالله سومرو
درويش شاهه
خليفو خدابخش سولنگي
ملا حسن درساڻي
سوئيڪارنو
جان پولن
آڍو خان جتوئي
ڏنگر فقير
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون